لاڙڪاڻي پوليس ڌيءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار پيءُ کي گرفتار ڪري ورتو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ٻه هفتا اڳ نئين پرڻيل ڌيءُ کي گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪندڙ سندس جوابدار پيءُ کي گرفتار  ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب ايس ايس پي مسعود احمد بنگش جي ھدايتن تي ايس ايڇ او امداد هليو ڳجهي اطلاع تي ڪراچي ۾ ڇاپو هڻي ٻه هفتا اڳ پنهنجي ئي نئين پرڻيل ڌيءُ کي قتل ڪندڙ خيرپور جي رهواسي جوابدار غلام حيدر عرف بنو لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان ايس ايڇ او الھ آباد امداد هليو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻه هفتا اڳ ممتاز ڪالوني ۾ ڌيءَ کي قتل ڪندڙ جوابدار غلام حيدر لاشاري کي ڳجهي اطلاع تي ڪراچي جي هڪ علائقي مان گرفتار ڪري ورتو آهي. هن ٻڌايو ته گرفتار جوابدار غلام حيدر لاشاري ڪجهه عرصو اڳ پنهنجي گهر واري ۽ پٽ کي به قتل ڪري چڪو آهي.  جنهن کان وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي کيس لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويندو. ياد رهي ته ٻه هفتا اڳ لاڙڪاڻي شهر جي ممتاز ڪالوني ۾ جوابدار غلام حيدر لاشاري پنهنجي هفتو اڳ پرڻيل نوجوان ڌيءُ صائمه زال زاهد لاشاري کي ڪراچي نه هلڻ واري ڳالهه تان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو اهڙي قتل جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي حد جي الهه آباد ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو جنهن ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.