ٽي نياڻيون ۽ انسانيت

ڄام صنم سنڌي

نياڻيون ڏاڍيون نماڻيون ۽ پياريون ھونديون آھن اڪثر ڪري ماڻھو پٽن لاءِ پيرن تي پنڌ ڪندا آھن پر والدين جو سھارو ۽ ساڻن بي غرض محبت ڪندي توھان کي نياڻيون ئي اڪثريت ۾ نظر اينديون نياڻي گھر جي رونق ھوندي آھي جن گھرن ۾ نياڻيون ناھن ڀلي انھن کي ڏسو ته اتي رحمت ۽ رونق اھڙي ڪڏھن به نه ھوندي جيڪا نياڻين وارن گھرن ۾ ھوندي آھي ڌيءُ فقير جي جھوپڙي ۾ به مرڪن وکيرڻ جو سبب ھوندي آھي، نياڻيءَ سواءِ محلات به ڪنھن مقام جو ڏيک ڏيندي آھي پر اھا به حقيقت آھي ته رحمت ۽ نعمت ۾ فرق جي ڳالھه ھر ڪنھن کي سمجھه ۾ ناھي ايندي.

ھڪ اھا نياڻي آھي جنھن کي درندي وٽ ڄمڻ جھڙي بد نصيبي قسمت ۾ لکيل ھئي اھو درندو جنھن حيوانن جا ڪنڌ شرم کان جھڪائي ڇڏيا، جنھن پٿرن کي روئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جنھن ماڻھوءَ کي مرڻ کان وڌيڪ مڪروھ ثابت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آھي، جنھن ڌرتي کان دانھون ڪڍرائي ڇڏيون، ھڪ اھا مظلوم ترين نياڻي آھي، جنھن دنيا جي خوبصورتين کي ڏسڻ کان اڳئي اتي رھندڙ خونخوار جانورن کان وڌيڪ خوفناڪ شڪلين کي ڏسي کيڏڻ ۽ مرڪون ورھائڻ جي عمر ۾ لڙڪن ۽ سڄي عمر جيءُ جھوريندڙ اذيتن جو عذاب سھي سماج جون اھي سڀ صورتون ڏسي ورتيون، جيڪي ڪجھه وقت کان پوءِ ائين غائب ٿي وينديون ڄڻ گڏھ جي مٿي تان سڱ، ڇو ته گوڙ ڪرڻ، نعرا ھڻڻ، پوسٽون رکڻ، ريليون ڪڍڻ ۽ بيان ڏيڻ ڪنھن انقلاب جي نشاني نه پر اھو سڀ اسان وٽ رواج بنجي ويو آھي ھر ھانءُ ڏاريندڙ واقعي کان پوءِ اھڙو رد عمل ۽ پوءِ صفا ماٺ اسان جي مزاجن ۾ شامل ٿي چڪي آھي جيڪڏھن اسين واقعي درد کي درد سمجھي محسوس ڪندڙ آھيون ته پوءِ اھو ڇو ٿا وساري ڇڏيون ته حڪومتون اسان جون محتاج آھن سماج ٺاھڻ وارا ۽ قانون لاڳو ڪرائڻ وارا به اسين آھيون ته پوءِ ڇو ڪڏھن رخسانه، ڪڏھن عليشا ڪڏھن ڪھڙي ته ڪڏھن ڪھڙي نالي سان روز ڪا نه ڪا نياڻي اسان جي ماٺ سبب بي حسي ۽ سماجي درندگيءَ جو شڪار ٿيندي ٿي رھي سندن نالو ڪھڙو به ھجي پر نياڻي فقط نياڻي ھوندي آھي روز ڪنھن نه ڪنھن گھر جو چراغ گل ٿيندو ٿو رھي ۽ اسين ٻن ڏينھن جي احتجاج ۽ سخت رد عمل کان پوءِ روزمره جي زندگيءَ ۾ مصروف ٿي ٿا وڃون چوندا آھن ته ھنڌ اھو ئي سڙندو آھي جتي باھ ٻرندي آھي.

جيڪڏھن ٿورو پنھنجي دلين تي ھٿ رکي اھو سوچون ته اھي مظلوم نياڻيون اسان جي گھر جون آھن ۽ اسان جون آھن ته پوءِ اسان کي ڪڏھن به سڪون ڪو نه ايندو اسين تيسين ڪڏھن به ماٺ ڪري نه ويھنداسين جيسين ڏوھارين کي عبرتناڪ انجام تي نه پھچرايون ۽ ھر حاڪمِ وقت کي اھو نه ٻڌايون ته اسان کي توھان جھڙن کوکلن بيانن وارن جي نه بلڪه انھن جي ضرورت آھي جيڪي پنھنجي عمل سان انسانيت جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ لاءِ پراون ٻچن تان پنھنجا ٻچا قربان ڪندي به دير ناھن ڪندا جنھن محمد بخش ٻرڙي ڪڏھن ڪنھن کان ووٽ ته ناھي ورتو پر اڄ سڄي ڌرتيءَ وارن جي دلين تي سندس حڪمراني ۽ زبان تي سندس ذڪر( نعرا) آھن.

جنھن ثابت ڪيو ته برائي آھي ته سٺائي به آھي حيوانيت آھي ته مقابلي لاءِ انسانيت به ميدان ۾ موجود آھي جنھن رحمت جي قدر شناسيءَ جي واضح معنيٰ مولوين، مفڪرن، مبلغن کان وڌيڪ سھڻي نموني سمجھائي، جنھن نياڻي جي حقيقي مان مرتبي، شان ۽ تحفظ جو عملي مظاھرو ڪري مرد جي ٽن روپن عليشا کي ڦٽو ڪندڙ پيءُ، حيوان ڏوھاري ۽ عظيم انسان جي فرق جي واضح تصوير دنيا اڳيان پيش ڪري ان ٽين نياڻيءَ جي ھمت، حوصلو ۽ مان وڌائي سر فخر مان بلند ڪري ڇڏيو آھي، جنھن کي اھڙو پيءُ مليو آھي ۽ اھڙي ڀلي پيءُ جي ڀلي ڌي سندس پرورش جو مان رکندي اسان سڀني کي اھو پيغام ڏنو آھي جيسيتائين اسين سڀ اھڙي انسانيت سان سرشار سوچ نه اپنائينداسين تيسيتائين اھڙا ڏوھ ٿيندا، ڏوھاري آزاد گھمندا رھندا ۽ ٽن نياڻين بجاءِ ڳالھه لکين نياڻين تائين پھچي ويندي.

محمد بخش ٻرڙي جھڙي اشرف المخلوقات انسان کي رڳو سلام پيش ڪرڻ جي ضرورت ناھي ڇو ته اھڙن عظيم انسانن کي خود خدائي به سلام پيش ڪندي آھي پر ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته سندن جھڙي ھمت، سوچ، قربانيءَ وارو جذبو ۽ عملي ڪردار عام ڪجي ته جيئن ھن سماج ۾ وري اھڙا واقعا ڪڏھن پيش نه اچن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.