اين آءِ سي وي ڊي سکر کي ٽيليفون ايڪسچينج ڏني وڃي

ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ/نوشهروفيروز

انهيءَ ۾ ڪوشڪ ناهي ته سنڌ ۾ نيشل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولرڊزيز ( اين آءِ سي وي ڊي) دل جي بيمارين جي حوالي سان هڪ بهترين اداروآهي جيڪونوشهروفيروز ضلعي سان گڏ هرهنڌ سهوليت مهيا ڪري رهيو آهي.

گذريل ڏينهن رات دير سان هڪ دوست فون ڪري عرض ڪيو ته منهنجو ڀاءُ نوشهروفيروزکان سکر ويل هيوته انهيءَ جو بلڊ پريشر وڌي وڃڻ جي ڪري سندس جي حالت خراب ٿي وئي آهي ۽ کيس اتان جي مقامي ماڻهن اين آءِ سي وي ڊي سکر موڪليو آهي. توهان مهرباني ڪري پڪ ڪري ڏيو ته هو انهيءَ اسپتال ۾ آهي يا نه ، يا سندس طبيعت ڪيئن آهي.مون پنهنجن ڪجهھ دوستن کي انهيءَ وقت فون ڪري اهو معلوم ڪرڻ چاهيو، ڪجهھ نمبر بند هئا، ڪجھ معلومات حاصل ڪرڻ ۾ لڳي ويا.وقت سر جواب نه ملڻ تي ويب ساِئيٽ تي اين آءِ سي وي ڊي سکر جا نمبر ڳولها ڪرڻ تي اين آءِ سي وي ڊي ڪراچيءَ جي ايڪسچينج جا نمبرمليا . جڏهن اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي فون ڪري اين آءِ سي وي ڊي سکر جا فون نمبر معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته آپريٽر معذرت ڪندي ٻڌايو ته” اين آءِ سي وي ڊي سکر ۾ اين ٽي ايس يا پي ٽي سي ايل جو ڪو به  نمبر ناهي ۽ نه اتي ايڪسچنج آهي“.اهڙي صورتحال تي مان حيران ٿي ويس ته ايڏي وڏي ايمرجنسي واري اداري ۾ رابطي لاءِ ڪو لينڊ لائين يا رابطي جو نمبر ناهي.اهڙي حيران ڪندڙ ڳالھه تي موجود دوست چيو ته، ايئن ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟انهيءَ حيراني کي دور ڪرڻ لاءِ مون وزيراعلي هائوس سنڌ جي ايڪسچنج ۾ فون ڪري ڄاڻايل نمبر معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهيءَ ٻڌايو ته اسان وٽ اين آءِ سي وي ڊي سکر جو نمبر ناهي توهان کي ڊپٽي ڪمشنر سکر جو نمبر ڏيون ٿا توهان کي اتان نمبر ملي ويندو.مون ڊپٽي ڪمشنر سکرجو نمبر ملايو ته اتي موجود انتظامي همراه هڪ ليڊي ڊاڪٽر جو موبائيل نمبر ڏنو. منهنجي پڇا ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته اسان وٽ ٻيو ڪو به نمبر ناهي.رات دير ٿي چڪي هئي ، مريض جي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ پريشاني پڻ وڌي رهي هئي.اسان ڊي سي سکر جي آفيس طرفان مليل نمبر کي ملايو ، پر اهو نمبر اٽينڊ نه ٿيو.اهڙي ايمرجنسي ۾ اين آءِ سي وي ڊي سکر ۾ رابطي يا معلومات جو نمبر نه هئڻ هڪ جهنجهوڙيندڙ ۽ حيران ڪندڙ خبر هئي ته ايڏي وڏي خرچ ڪرڻ جي باوجود اداري کي پنهنجو لينڊ لائين جو معلومات ڏيڻ يا رابطي ڪرڻ وارو ڪو هڪ نمبربه ناهي!!

انهيءَ کان پوءِ ترت هڪ ڊاڪٽر دوست ڪراچيءَ مان پنهنجي اداري جي دوست ڊاڪٽرن سان رابطي ٿيڻ کان پوءِ ٻڌايو ته ، توهان جو مريض بلڪل هتي پهتو آهي ، سندس بلڊ پريشر تمام گهڻو وڌيل هيو ، گورين تي ڪنٽرول نه ٿيڻ جي ڪري کيس انجيڪشن لڳايون ويون آهن ۽ هن وقت مريض جو بلڊ پريشر نارمل ٿي چڪو آهي ۽ سندس اي سي جي ۽ دل جي اٽيڪ واري ٽيسٽ به نارمل آهي.اسين ان خبر ملڻ پوءِ شڪرانا ادا ڪيا ۽ انتهائي افسوس ٿيو ته جيڪڏهن هڪ بي پهچ ماڻهون کي جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيش اچي ته هو ان وقت ڇا ڪري ۽ پنهنجي پياري کي ڪٿي ۽ ڪيئن ڏسي؟ اهڙي قسم جي اتفاقي صورتحال کان بچڻ لاءِ اسين وزيراعلي سنڌ ، ڊائريڪٽر اين آءِ سي وي ڊي ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر کي گذارش عرض رکنداسين ته اين آءِ سي وي ڊي سکر ۾ ٽيليفون ايڪسچينج ٺاهي وڃي ته جيئن اهڙي قسم جي معمولي نوعيت جي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ هن جديد سيٽلائيٽ دور ۾ ماڻهون پريشاني کان بچي سگهي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.