صدارتي ريفرنس، سرينا عيسيٰ پاران لارجر بينچ جي استدعا

اسلام آباد (بيورو+  م ڊ )سپريم ڪورٽ، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس بابت نظر ثاني اپيلن تي ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين  ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته ٻڌڻي منير اي ملڪ جي درخواست تي متلوي ڪري رهيا آهيون، ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهر واري سرينا عيسيٰ پيش ٿي، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته لارجر بينچ جوڙڻ بابت سرينا عيسيٰ جي درخواست تي ٻڌڻي بعد ۾ ڪئي ويندي. سرينا عيسيٰ دليل ڏيندي چيو ته مون تي روزانو الزام لڳي رهيا آهن، ان ڪري سڀ کان پهريان منهنجو ڪيس ٻڌو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.