پي ڊي ايم پاران شٽرڊائون ۽ اسلام آباد طرف مارچ تي غور

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ( پي ڊي ايم ) جي ترجمان ميان افتخار حسين چيو آهي ته  عجيب ڳالهه آهي جو گلگت  بلتستان ۾ ڪورونا نه هو، گلگت ۾ ته وڏا وڏا جلسا ٿيا، جلسن تي پابندي جو فيصلو پي ڊي ايم لاءِ ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ايس او پيز تي عمل ٿيڻ گهرجي، پر اهو نٿو ٿي سگهي ته پي ڊي ايم اي  جي حڪومت مخالف تحريڪ کي روڪيو وڃي، پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ميان افتخار چيو ته اجلاس ۾ مستقبل جي حڪمت عملي بابت مشاورت ڪئي وئي، اجلاس ۾ پشاور جلسي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، اجلاس ۾ شٽرڊائون ۽ اسلام آباد طرف مارچ بابت تجويزن تي فيصلو سربراهي اجلاس ۾ ڪيو ويندو، اجلاس ۾ اي پي سي جا پاس ڪيل ٺهراءُ به رکيا ويندا.هن چيو ته گلگت بلتستان چونڊن ۾ بد ترين ڌانڌلي ٿي آهي. شفاف چونڊون نه ٿيون آهن، صوبا اڳ ئي رنا پي، هاڻ جي بي ۾ به ڌانڌلي ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.