ملڪ اندر پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي: اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي ( م ڊ ) پاڪستان ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ( ايف ڊي آءِ ) آڪٽوبر ۾ 10مهينن جي بلند ترين سطح 31 ڪروڙ 14 لک ڊالر  رهي، جيڪا موجوده مالي سال دوران سڀ کان وڏي سيڙپڪاري آهي. اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب آڪٽوبر 2019 ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري 16 ڪروڙ 65لک ڊالر رهي، پاڪستان گذريل مهيني چين 22 ڪروڙ 87 لک ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي، جڏهن ته توانائي جي شعبي ۾ تقريبن 23 ڪروڙ 90 لک جي سيڙپڪاري ٿي. انگ اکرن موجب مالي سال 2020 جولاءِ کان آڪٽوبر تائين چئن مهينن دوران ايف ڊي آءِ ۾ 9 سيڪڙو واڌ ٿي، 73 ڪروڙ 30 لک ڊالر تائين پهچتي، جيڪا گذريل سال ۾ 67 ڪروڙ 20 لک ڊالر هئي. اسٽيٽ بينڪ موجب سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي جو ڪارڻ قرض آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.