سنڌ ۾ ن ليگ جي تنظيم سازي، عهديدارن جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر )پاڪستان مسلم ليگ ( ن ) پاران سنڌ جي ڊويزنن ۽ ضلعن جي عهديدارن جو اعلان ڪيو ويو آهي، ن ليگ سنڌ جي صدر  شاهه محمد شاهه مرڪزي قيادت جي منظوري سان عهديدارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب علي اڪبر گجر، قمرزمان راڄپر، مير امان الله ٽالپور، رانااحسان، خاڪد عزيز آرائين ۽ خليق الزمان راجاانصاري سينيئر نائب صدر هوندا.نائب صدر لاءِ ملڪ تاج، امان الله آفريدي، سورٺ ٿيٻو، خواجا شعيب، آفتاب شاهه، دلاور جدون، نيلم، سبير انصاري، بشير ڀٽو، ملڪ رياض، ملڪ نذرعباس، شيخ جاويد مير، خواجا سلمان، افنان الله خان ، زاهد ڀنڊ، مهيس ڪمارتلريجا، ميرحسين رند، روپچند، رميش ڪمار گپتا ۽ اعظم خان کي چونڊيو ويو آهي.چوڌري طارق ۽ غلام مصطفيٰ ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري خواجا نذير اطلاعات سيڪريٽري ، خالد شيخ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ، شهناز شيخ ڊپٽي اطلاعات سيڪريٽري، نثار شاهه خزانچي ۽ انچارج مسلم ليگ هائوس ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.