پوليس فنڊن ۾ ڪرپشن، وڪيل غير حاضر،عدالت پاران ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  ۾ سنڌ پوليس جي فنڊن ۾وڏي پيماني تي ڪريشن  واري ڪيس ۾ اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت  ٻين جوابدارن جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي  جوابدارن جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جي غير حاضري تي چيف جسٽس احمد علي شيخ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جوابدار ڊگهي عرصي تائين عارضي ضمانت انجوائي ڪري رهيا آهن .ٻه ڏينهن ۾ جوابدارن جي وڪيل پيش ٿي دليل نه ڏنا ته اسان ضمانت رد ڪري ڇڏينداسين . عدالت سڀاڻي 18 نومبر تي جوابدارن ۽ وڪيلن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.