سنڌ ۾ ڪتن ڏاڙهڻ جي واقعن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ، ٻارن سميت 50 زخمي

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)سنڌ ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ جي واقعن جو سلسلو جاري ، وڌيڪ ڪيترائي زخمي، عدالتي حڪم باوجود انتظاميا اک نه پٽي، تفصيلن موجب پنوعاقل شھر ۽ ڀرپاسي ۾ سوين رولو ڪتا سرعام  گھمن ٿا،ايندڙ ويندڙ معصوم ٻارن سميت ڳوٺاڻن جو ساھ مٺ ۾ پنوعاقل بائيجي ۽ دادلوءُ ٿاڻن جي حدن ۾ چئن معصوم ٻارن سميت 8 ڳوٺاڻا رولو ڪتن کان ڏاھجي ويا،ھوڏانھون سنڌ حڪومت جي ھدايتون تي ايڊمسٽريٽر آغا مولاداد دراني ۽ ٽي ايم او سجاد سمائر دعوا ڪئي آھي ته ھنن سرڪار جي حڪم تي ڪيترن ئي رولو ڪتن کي زھريلي دوا کارائڻ سان مارايو آھي،ٻي طرف سڄاڻ ڳوٺاڻن سياسي سماجي اڳواڻن شھرين واپارين حاجي ميان فضل الله سومرو،مولوي علي اڪبر ڪلھوڙو،ايم اسحاق جسڪاڻي،ظفر ٿھيم،سجاد گبول،انعام االله سومرو،جاني شيخ،ھيرو مل،ضمير جلالي،ذاڪر ۽ ٻين چيو ته ٽائون ڪاميٽي پاران رولو ڪتن کي مارائڻ جون دعوائون کوکليون آھن،گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ باغ چنا ۾ 18 ورهين جي نوجوان علي محمد ولد محمد حنيف چنا کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو، وارثن نوجوان کي کڻائي تعلقه اسپتال پهتا، جتي کين ٻڌايو ويو ته اسٽور ڪيپر پنوعاقل ويل آهي، جنهن ڪري ويڪسين نه ملي سگهي،هوڏانهن لکي غلام شاھ تعلقي جي مختلف علائقن ۾ ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو، مختلف علائقن ۾ هڪ ڏينهن اندر ڇتن ڪتن چڪ هڻي جيو مهر جي رهواسڻ عورت سميت 8 ڄڻن کي چڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ڇتن ڪتن جي چڪ ۾ زخمي ٿيل عورت ھاشما خاتون. لکي شهر واسي عبدالشڪور سومرو،غلام نبي سومرو، شمشاد علي، همٿ،فتع ٽنڊو واسي رفيق احمد مھر شامل، جڏهن ته غلام نبي سومرو جي فرياد تي لکي ٿاڻي تي ٽي ايم سيد محب ﷲ شاھ ۽ يو سي فتع ٽنڊو جي سيڪريٽري سيد محمد شاھ مٿان ڇتن ڪتن خلاف مهم نه هلائڻ تي هائي ڪورٽ جي حڪم تحت مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي هوڏانهن لکي غلام شاھ تعلقي اندر رولون ڪتن جو آزار وڌي وڃڻ ڪري شهري توڙي ڳوٺاڻا  سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن، ياد رهي ته لکي ٽي ايم او تي هڪ هفتي اندر لکي ٿاڻي تي ٻه ڪيس داخل ٿئي چڪا،رابطو ڪرڻ تي ٽي او لکي محب الله شاھ ٻڌايو ته هر روز ڪتن خلاف ڪاروائي ڪئي پئي وڃي ڪيترائي زهر ڏئي ماريا ويا آهن،جن جا روزانو جي بيناد تي ثبوت موجود آهن، جڏهن ته منهنجي ذميواري صرف ٽائون جي آهي ڳوٺن ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ جي واقعن جو ڪيس به ٽي او تي داخل ڪيو پيو وڃي جيڪو غلط آهي، ٻئي پاسي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪتا مار مهم بي اثر، انتظاميه جون دعوائون ڌوڙ ٿي ويون، لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزارگهٽجي نه سگهيو، وڌيڪ 7 ٻارڙن سميت 11 ڄڻن کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 2 سالن جي بيبي ايمان ڌيءَ وحيد، 2 سالن محمد ارهم پٽ نديم علي، 3 سالن جو جنيد پٽ لياقت، 7 سالن جو ڪبير پٽ جان محمد، 7 سالن جو آصف پٽ احمد رضا، 8 سالن جو عبدالجبار پٽ فتاح، 12 سالن جو علي حسن پٽ محمد مٺل، 23 سالن جو ميرمرتضيٰ پٽ رسول بخش، 27 سالن جو صدام پٽ غلام شبير، 32 سالن جو طارق پٽ خدا بخش ۽ 40 سالن جو نويد پٽ غوث بخش شامل آهن ، هوڏانهن ضلعي انتظاميه گذريل چئن ڏينهن کان ضلعي اندر ڪتا مهم شروع ڪندي ڪيترن ئي ڪتن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ،هوڏانهن  ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ نادر سلطان ۾ 5 سالن جي نينگري رشيدان ڌي ھاشم کي راند کيڏندي رولو ڪتن چڪي وڌو جنھن کي زخمي حالت ۾ سندس والد ميان صاحب اسپتال کڻائي ويو جتي علاج بعد ڪتي جي چڪ کان بچاءَ جي وئڪسين ڪئي وئي، جڏهن ته پکو ۾ ڳوٺ رشيد وڳڻ ۾ گھر ٻاھران راند ڪندڙ نينگر عاصم علي پُٽ رضا علي ابڙو  کي رولو ڪتن  ڏاڙهي کيس سخت زخمي ڪري وڌو جنھن کي وارثن ترت مقامي اسپتال آندو جتي ڇتي ڪتي جي ويڪسين نه ھجڻ ڪري خانگي اسپتال نيو ويو ، ٻئي پاسي  عادلپور جي مختلف  ڳوٺن جي 8 ڄڻن جنھن ۾  مائي شبانه ڀٽو، مائي زرينه ،مڪيش ڪمار، غلام قادر، شوڪت مه،ر ﷲ بخش ڌانڌو ،عبدالله قاضي، عبدالوهاب ڪلهوڙو  کي رولو ڪتن چڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن جي  رپورٽ عادلپور ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آھي جڏھن ته ان حوالي سان عادلپور پوليس جو چوڻ هو ته ڪتي جي چڪڻ سبب زخمي ٿيل اٺن ڄڻن عادلپور ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آھي عادلپور ٿاڻي تي  ٽائون آفيسر عادلپورٽي ا يوسي چنگلاڻي جي يوسي سيڪريٽري ۽ کڏواري جي يوسي سيڪريٽري خلاف  ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آھي  جڏھن ته عادلپور پوليس وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته اسان ٽي ايم او ۽ يوسي سيڪريٽري جي ملازمن کي ڪتا مارڻ جو چيو پر انهن ڪتا مارڻ بجاءِ اسان  سان منهن ماري ڪرڻ سان گڏوگڏ بد ڪلامي ڪئي آھي.عادلپور پوليس ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي آهي پر هن مهل تائين ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي، هوڏانهن احمدپور ڀرسان ڳوٺ جعمو کوسو ۾ صبح سوير اسڪول ۽ مسجدن ڏانهن ويندي رولو ڪتن 13 سالا شائق پٽ امتياز کوسو ، 10 سالا علي حيدرپٽ زاهد کوسو ، 4 سالا تيمور پٽ ارشد کوسو ۽ 6 سالا لاريب ڌيءَ نويد کوسو کي ڏاڙهي ڇڏيو ،ڳوٺاڻن رفيق کوسو ، شفيق کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي هنن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ڳوٺ ۾ رولو ڪتن جا ڪٽڪ ٽولا ٺاهي گھمي رهيا آهن پر انتظاميه ڪوبه تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي

نيوسعيدآباد ۾رولو ڪتن  13ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

نيوسعيدآباد  ) رپورٽ :مشتاق راهو) نيوسعيدآباد تعلقي  ۾ رولو  ۽ ڇتن ڪتن ٻارڙن سميت 13 چڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، ڏاڙھي زخمي ڪيلن شاھزيب، نغمه ، حميرا، ذڪيه،  عائشه، يوسف، عبدالڪريم، اسحاق ۽ ٻياشامل آھـن، جن کي مختلف اسپتالن ۾ ويڪسين ڪرائي وئي، هوڏانهن ڪتن ڏاڙهڻ تي  ٽائون ڪاميٽي نيوسعيدآباد جي ٽائون آفيسر سميت تعلقي جي 5 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف نيوسعيدآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيوويوآھي. سرڪار پاران سب انسپيڪٽر قلندربخش خاصخيلي جي فرياد تي نيوسعيدآباد ٽائون ڪاميٽي جي ٽائون آفيسر لياقت ڀٽي، يوسي ڀليڏنو ڪاڪا جي سيڪريٽري شفيق جمالي، يوسي فقير آباد جي سيڪريٽري عزيز جمالي، يوسي سڪندر آباد ۽ يوسي زير پير جي سيڪريٽري والي ڏنو ڏيپر ۽ يوسي پراڻي سعيدآباد جـي سيڪريٽري ذوالفقار لاشاري خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

اڏيري ۾ ڪتي ڏاڙهڻ جو واقعو، يو سي سيڪريٽري خلاف ڪيس

اڏيرولال وليج(رپورٽ: معشوق قنبراڻي) اڏيرولال وليج ويجهو ڳوٺ محرم کوسو ۾ نوجوان عرض کوسو ولد پٺاڻ کوسو کي ڪجهه ڏينهن  اڳ ڪتي ڏاڙهي وڌو هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي حڪم تحت ته جنهن به يوسي ۾ ڪتو ڏاڙهي ته اتان جي يوسي سيڪريٽري خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، جنهن کي نظر ۾ رکندي اوڏيرولال وليج جي ڳوٺ محرم خان کوسو جي رهواسي پٺاڻ کوسو سيڪريٽري يوسي اوڏيرولال وليج ٿاڻي تي يوسي سيڪريٽري  هاشم خلاف ڪتي ڏاڙهڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي.

ڊگهڙي ۾ ڪتا مار مهم شروع

ڊگهڙي(ن ع آ)ڊگهڙي ۾ ڪتي ڏاڙهڻ جي واقعن ۾ واڌ کانپوءِايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي  گهڙي جهامنداس شهر ۾ ڪتا مار مهم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو انهي حوالي سان هن صحافين کي ٻڌايو ته شهر ۾ وقفي وقفي سان ڪتا مار مهم جاري هئي انهي کي وڌيڪ تيز ڪري ڊگهي عرصي تائين ڪتا مار مهم شروع ڪئي آهي جيڪا ڪافي ڏينهن تائين جاري رهندي.

نئين ڪوٽ ۾ ڪتن کي ڏنل زهر به نقلي نڪتو!

نئون ڪوٽ(رپورٽ: زاھد مغل) نئون ڪوٽ ٽائون ڪميٽي  طرفان نئون ڪوٽ شھر ۾ رولو  ڪتن جي آزار بعد ڪتا مار مھم شروع ڪتن کي ڏنل زھر بـ نقلي نڪتو زھر کائڻ باوجود ھڪ بـ ڪتو نـ مئو رولو ڪتن جو آزار برقرار آهي، شھرين سيد معشوق علي شاھ اسد مغل اشفاق جٽ ۽ ٻين چيو ته ٽائون انتظاميـ رولو ڪتن کان نجات ڏيارڻ لاءِ اثرائتي ڪتا مار مھم ھلائي شھر مان رولو ڪتن جي آزار کي ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.