ڪورونا جي لهر، سنڌ سيڪريٽريٽ سميت سرڪاري آفيسن ۾ عام شهرين جي داخلا بند

ڪراچي (رپورٽ:جي ايم کوکر) ڪورونا جي ٻي لهر ۾  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي رپورٽ مثبت اچڻ بعد سرڪاري  آفيسن ۾ عام ماڻهن جي داخلا تي پابندي مڙهي وئي آهي، ذريعن موجب سنڌ سيڪريٽريٽ سميت ٻين سرڪاري ادارن جي مين دروازن تي سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان عام ماڻهن سميت صحافين جي اندر وڃڻ تي پڻ پابندي مڙهي ڇڏي آهي گذريل ڏينهن صبح کان وٺي شام تائين سنڌ سيڪريٽريٽ جي مين دروازن تي بيٺل سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان ڏورانهن علائقن مان آيل سرڪاري توڙي عام ماڻهن کي اهو چئي نه ڇڏيو ويو ته اسان کي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه جو زباني حڪم مليل آهي ته عام ماڻهن سميت صحافين کي به اندر نه ڇڏيو وڃي. ،جڏهن ته پيرپور خاص، سکر، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، ڪشمور، جيڪب آباد، دادو بينظير آباد ، نئو شهروفيروز، ٿرپارڪر سميت ٻين شهر مان ڪم سانگي آيل سوين ماڻهن کي سيڪريٽريٽ اندر نه ڇڏيو ويو .

آرمي چيف، يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين جي سراج الحق سان تعزيت

لاهور(بيورو)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق جي والده جي وفات تي چيف آف آرمي جنرل قمر جاويد باجوه ، سابق  وزير اعظم سيد يوسف رضاء گيلاني، پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي ٽيلي فون ڪري  دلي همدردي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. مرحومه جي لاءِ مغفرت ، بلند درجات ۽ رشتيدارن جي لاءِ صبرو جميل جي دعاء ڪئي،سابق وزير اعلي ڪي پي ڪي آفتاب احمد شير پائو، مولانا احمد لڌيانوي ، ميان رضا رباني ، علامه زبير احمد ظهير ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد به ٽيلي فون ڪئي ۽ دلي ڏک افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پوري ملڪ مان مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن ثمر باغ ۾ جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق سان فاتحه خواني ڪئي.

 محمد بخش ٻرڙي جي ڪٽنب سميت قلندر لعل شهباز جي مزار تي حاضري

سيوھڻ(ن ع آ( ڪشمور جو بھادر اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو سيوھڻ پھتو قلندر جي مزار تي حاضري دعا گھري درگاهه تي موجود زائرين  ساڻس سيلفيون پڻ ڪڍرايون. معصوم عليشا ۽ ان جي امڙ سان زيادتي ڪيس ۾ ھيرو طور اڀري ايندڙ ڪردار ۽ ڪشمور پوليس جي بھادر اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙي سيوھڻ  پھچي عظيم صوفي بزرگ حضرت قلندر لعل شھباز جي مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙھي ۽ ملڪ ۽ سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعائون گھريون درگاهه تي موجود ماڻهن ۽ زائرين بھادي پوليس اھلڪار محمد بخش ٻرڙو کي پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشيء جو اظهار ڪيو ۽ ساڻس سيلفيون پڻ ڪڍايون جڏهن ته اوقاف کاتي پاران کيس قلندري چادر پڻ تحفي طور اوڍائي. ان موقعي تي محمد بخش ٻرڙو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته معصوم عليشا جي امڙ جي تڪليف ۽ روئڻ سندن برداشت کان ٻاھر  ھو ان ڪري ھن ھڪ مظلوم ماء سان گڏ قانون جي مدد ڪرڻ جو عھد ڪيو ۽ ان ڪم کي سرانجام ڏنو ۽ ان ۾ الله پاڪ مون گنھگار کي ڪامياب به ڪيو ۽ ان جي بدلي ۾ رب پاڪ ايتري عزت ڏني آهي جنهن باري ۾ ڪڏهن سوچيو به ڪونه ھو.  ھن چيو ته سموري پوليس خراب ناهي پوليس کي سٺي نظر سان نھاريو وڃي ته سٺي نظر ايندي. ان موقعي تي ساڻس ڊي آء بي انچارج ڪشمور عباس ملڪ, ون ٔٔفائيو انچارج سيوھڻ  منظور دل, اوقاف اھلڪار محمد قاسم چنا ۽ ٻيا عملدار پڻ گڏ ھئا.

لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ فائرنگ، پيشي تي آيل 2 ڄڻا مارجي ويا

لاهور (بيورو+  م ڊ) لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ جوابدار فائرنگ ڪري قتل ڪيس ۾ پيشي لاءِ آيل 2 ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو،  پوليس موجب مقتول رياست ۽ بلال قتل ڪيس ۾ پيشي لاءِ آيا هئا، فائرنگ ڪندڙ جوابدار ڪفيل کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پ پ گلگت ۾ چونڊ نتيجا رد ڪري ٿي: تيمور ٽالپر

ڪراچي(رپورٽر) سائنس ٽيڪنالاجي جي صوبائي وزير تيمور ٽالپر چيو آهي ته گلگت بلتستان جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي تاريخ  ورجائي وئي آهي، ٽالپر هائوس مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ تيمور ٽالپر وڌيڪ چيو ته گلگت ۾ وفاقي وزير چونڊ مهم هلائڻ سان گڏ حڪومتي وسيلا استعمال ڪندا رهيا، چونڊن دوران ٻه سو ارب رپين جا واعدا ڪيا ويا، هن چيو ته پوسٽل بيلٽ پيپرن بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي، مختلف پارٽين جي اميدوارن کي دٻاءَ ذريعي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرايو ويو، پ پ چونڊن کي رد ڪري ٿي.

برطانوي وزيراعظم قرنطينه ۾ هليو ويو

لنڊن(م ڊ) برطانيا جي وزير اعظم بورس جانسن ڪرونا وائرس سبب متاثر ٿيل ماڻهن سان  ملاقات کان پوءِ احتياطي تدبير اختيار ڪندي پنهنجو پاڻ کي قرطنيه ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڊائوننگ اسٽريٽ جي ترجمان گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هو ڪورونا وبا تي حڪومتي رد عمل سميت آفيس جا مامرا 10 ڊائوننگ سٽريٽ مان سرانجام ڏيندو.

تيل ۽ گيس پيدا ڪندڙ ضلعن مان  142 ارب 97 ڪروڙ رپيا جمع

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ تيل ۽ گيس پيدا ڪندڙ ضلعن مان گذريل 21 مهينن دوران رائلٽي جي مد ۾ 142 ارب 97 ڪروڙ روپين  کان وڌيڪ جمع ٿيا آهن. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن مطابق آگسٽ 2019ع کان مئي 2020ع تائين تيل ۽ گيس ڳولا ڪندڙ ڪمپنين رائلٽي جي مد ۾ اها رقم جمع ڪرائي آهي جنهن ۾ ڪچي تيل جي مد ۾ 51 ارب 19 ڪروڙ 60 لک روپيا ۽ گيس جي پيداوار تي 91 ارب 78 ڪروڙ 10 لک روپيا جمع ٿيا آهن. گذريل 2 سالن دوران تيل ۽ گيس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين جي مختلف آئل فيلڊ مان 9 هزار 444 بيرل روزاني تيل ۽ 218 ايم ايم سي ايف ڊي گيس سسٽم ۾ شامل ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.