گلگت جي چونڊن ۾ ايجنسين جو ڪردار هو: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گلگت بلتستان چونڊن ۾ ٿيل نتيجن ۾ ڌانڌلي جو الزام هڻندي چيو آهي ته  جيڪي شيون 2018 جي پاڪستان جي چونڊن ۾ ٿيو، اهي گلگت بلتستان ۾ به ڀرپور طريقي سان نظر آيون، جيڪي ڪردار انٽيليجنس ايجنسين جو هو، اهو موجود هو ۽ اهڙي ريت ئي هو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اسانکي گلگت بلتستان جي چونڊ نتيجن تي خدشا آهن،چونڊ ضابطا اخلاق  جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.، ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته  چونڊن کان اڳ صلاح مشوري کانسواءِ نگران حڪومت قائم ڪئي وئي ،احسن اقبال چونڊن جي ڏينهن جي حوالي ۽ حقيقت کان قوم کي آگاهه ڪندو،هن چيو ته اسان ماضي جي تجربن مان ڪجهه به نه سکيو هڪ ڀيرو ٻيهر گلگلت بلتستان ۾ غير نمائنده حڪومت قائم ٿي رهي آهي،جلوسن جي رش ۽ جوش جذبو سڀي جي سامهون هو،ڪا به پارٽي اڪثريت حاصڪ نه ڪر ي سگهي،آزاد اميدوارن جي مدد سان جيڪا حڪومت قائم ٿيندي اها عوام جا مسئلا حل نه ڪري سگهندي،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪ ميز تي ويهي ڳالهيون ڪيون وڃن ڇاڪاڻ ته اهو اقتدار جو نه پر ملڪ جو معاملو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.