بهادر اي ايس آءِ کي گارڊ آف آنر، 20 لک انعام ۽ ستاره شجاعت جي سفارش جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) ڪشمور ڪيس جي هيرو اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو جي اعزاز ۾ پوليس هيڊ آفيس ۾ تقريب، پوليس آفيسر ۽ سندس گھرڀاتين کي گارڊ آف آنر پيش، کين خوبصورت بوگي ۾ سوار ڪري  اسٽيج تائين آندو ويو، آءِ جي سنڌ طرفان پوليس آفيسر لاءِ 20 لک روڪ، تمغه شجاعت ۽ سندس ڌيءَ ريشمان لاءِ ستاره امتياز جو اعلان، ڪشمور ۾ زيادتي جو نشانو بڻايل نينگري عليشا کي بازياب ڪرائي جوابدار کي گرفتار ڪندڙ اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙي ۽ سندس خاندان جي مان ۾ سينٽرل پوليس آفيس (سي پي او) ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ بهادر اي ايس آءِ ۽ سندس خاندان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. جنهن بعد کين خوبصورت بوگي ۾ ويهاري اسٽيج تائين آندو ويو. تقريب کي خطاب ۾ اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙي چيو ته مون هڪ جذبي تحت ڪم ڪيو، عورت کي گهر ۾ ڀيڻ سمجھي رهايم ۽ اعليٰ آفيسرن کي اطلاع ڏنم، لڄالٽ جو شڪار عورت پنهنجي نياڻيءَ سان ملڻ لاءِ روئندي رهي، وحشين کيس چيو ته هڪ ٻي ڇوڪري آڻيندي ته پوءِ هوءَ ٻارڙيءَ کي ڇڏيندا.هن چيو ته مون جوابدار جي گرفتاري لاءِ پنهنجي نياڻيءَ کان مدد ورتي،منهجي نياڻي موبائل فون تي جوابدار سان ڳالهايو ۽ بعد ۾ ان سان ملاقات ڪئي، ان دوران منهنجي نياڻي جوابدار کي ڳچي مان پڪڙيو ته اسان پهچي وياسين. تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ مشتاق مهر اي ايس آءِ محمد بخش لاءِ 20 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو. آءِ جي سنڌ چيو ته اي ايس آءِ لاءِ تمغه شجاعت ۽ سندس نياڻي لاءِ ستاره امتياز جي سفارش ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ پوليس جي تاريخ شھيدن ۽ غازين سان ڀريل آھي پر هي واقعو بيمثال آھي، ريشمان پنهنجي والد کي چيو ته بابا جوابدار ڪو حرڪت ڪري ته جذباتي نه ٿجان ته جيئن ٻارڙي کي واپس ڪاميابي سان ڪرائجي. آءِ جي چيو ته آئون نياڻي کي سلام پيش ڪريان ٿو. تقريب کي خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته اي ايس آءِ جي تعريف لاءِ مون وٽ لفظ ناهن،  محمد بخش ٻرڙي ۽ سندس خاندان جي شڪل ۾ سوسائٽي ۾ اڄ به احساس زنده آهي، اهڙو احساس سڀني ۾ پيدا ٿي وڃي ته بهترين معاشرو جڙي ويندو. هن چيو ته سنڌ سرڪار روڪ رقم جو اعلان ڪري چڪي آهي، سموريون سفارشون وفاق ڏانهن موڪليون وينديون، بهادر نياڻي ريشمان لاءِ سنڌ سرڪار هر ممڪن سهڪار ڪندي. هن آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته جينڊر بيسڊ وائيوليشن وارن ڪيسن ۾ ڪورٽن ۾ جن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، انهن مسئلن جي جائزي لاءِ پوليس جي هڪ ڪاميٽي جوڙي وڃي، اها ڪاميٽي مسئلن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪري ته جيئن انهن جي روشني ۾ قانونسازي ڪرائي سگھجي. هن چيو ته سنڌ ۾ جينڊر بيسڊ وائيوليشن هرگز قبول نه ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.