گلگت جي عوام پي ڊي ايم جو بيانيو رد ڪري ڇڏيو: عمران خان

اسلام آباد ( م ڊ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام پي ڊي ايم جو بيانيو رد ڪري ڇڏيو، گلگت بلتستان ۾  حڪومت ٺاهي مسئلا حل ڪنداسين. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي توڙي پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گلگت بلتستان جي اليڪشن ۽ سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ملڪي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي به مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان اپوزيشن اڳواڻن خلاف ڪرپشن ڪيسن کي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اپوزيشن جو ملڪ سان ڪو واسطو ناهي، انهن کي رڳو پنهنجي مفادن جو فڪر آهي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته گلگت بلتستان جي عوام پي ڊي ايم جي بيانئي کي رد ڪري ڇڏيو، گلگت ۾ حڪومت ٺاهي مسئلا حل ڪنداسين ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ ترقياتي منصوبن تي اهميت ڏني ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.