گلگت ۾ سنڌ جو پئسو استعمال ناهي ٿيو: سعيد غني

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته  گلگت ۾ چونڊون شفاف هيون، اپوزيشن کي تسليم ڪرڻ گهرجي، ن ليگ جي حفيظ الرحمان بيان ڏنو ته سنڌ حڪومت ڪروڙين رپيا کڻي آئي هئي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته مون کي بلاول تي رحم اچي رهيو آهي، هن 3 هفتا گلگت بلتستان ۾ گذاريا، هو اتي سٽجي ويو، ٽي هفتا رهي ٽي سيٽون کڻي آيو، سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته گلگت بلتستان ۾ سنڌ جو پئسو استعمال ڪيو ويو، ن ليگ، پ پ ۽ جي يو آءِ هڪ ٻئي خلاف اليڪشن وڙهنديون رهيون آهن، ن ليگ جي محسن شاهنواز رانجها چيو ته مون کي خبر ناهي ته حفيظ الرحمان ڪهڙي پيرائي ۾ ڳالهه ڪئي، بلاول ۽ مريم جي ڪري پي ٽي آءِ کي سادي اڪثريت به نه ملي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.