نيب کي ضياءَ لنجارخلاف جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ مهلت

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير ضياء الحسن لنجار جي 24 ڊسمبر تائين عبوري ضمانت ۾ واڌڪري ڇڏي آهي،   عدالت نيب کي جلد جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت ۾ نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته اها جاچ جاري آهي، جيڪا اڃا مڪمل نه ڪئي وئي آهي، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏني ته نئين جاچ مڪمل ڪري هيڊ ڪوارٽر کي موڪلي ڇڏي هئي، هيڊ ڪوارٽر ان جاچ تي اعتراض واري ٻيهر جاچ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، تنهن ڪري جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي، جنهن کانپوءِ عدالت نيب سکر کي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ جا حڪم ڏيندي، 24 ڊسمبر تائين اڳڀرائي جي رپورٽ طلب ڪندي عبوري ضمانت ۾ ايندڙ ٻڌڻي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.