اي جي پي 2018ع ۾ ئي رجسٽرڊ ڪرائي هئي: ابرار قاضي

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي جمھوري پارٽي جي صدر ابرار حسين قاضي ۽ امان الله شيخ پنهجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اخبارن ذريعي  ڪجهه ماڻهن طرفان چيو ويو آهي ته عوامي جمھوري پارٽي جو 15 نومبر وارو ساليانو ڪنوينشن ڪرڻ غيرمناسب هو، ان نالي سان هڪ پارٽي اڳ ئي اليڪشن ڪميشن وٽ رجسٽرڊ آھي. هنن چيو  ته اسان اطلاع ڏيڻ  چاهيو ٿا ته 2018 ۾ عوامي جمھوري پارٽي جي قومي اسيمبلي جي اليڪشن  کان اڳ اليڪشن ڪميشن رجسٽريشن رد ڪري ڇڏي هئي، ڪجهه سرڪاري ملازمن پنهنجي ذاتي مفادن خاطر وشني مل کي اڳتي ڪري هڪ غير قانوني غير آئيني ۽ غير اخلاقي اليڪشن جو ڍونگ رچايو هو ۽ ھو  اليڪشن ڪميشن وٽ جون 2020 ۾ پارٽي جي رجسٽريشن لاءِ ويا هئا پر اليڪشن ڪميشن سندن پارٽي کي رجسٽرڊ ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ھنن چيو تھ پارٽي جو پوئين 2 سالن ۾ ڇا حال ٿيو آهي سڀني جي سامهون آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.