نوشهره ۾ ڪوچ اونڌي، شاگردن سميت 8 مسافر فوت

پشاور ( م ڊ )  خيبرپختونخواهه جي علائقي نوشهره ۾مسافر ڪوچ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 مسافر حياتيون وڃائي ويٺا  ۽ 7 زخمي ٿي پيا، زيارت ڪاڪا صاحب کان نوشهره ڪينٽ ايندڙ بس اونڌي ٿيڻ سبب 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جن ۾ عورتون ۽ اسڪول جا شاگرد به شامل آهن. ريسڪيو زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي ڪينٽ جي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو،  جتي زخمن جي سٽ نه سهندي 8 ڄڻا فوت ٿي ويا.فوت ٿي ويلن ۾ 2 عورتون ۽ 6 مرد شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.