ميرپورخاص، سانگهڙ ۾ پاڻي نيڪالي ۾ ننڍا آبادگار رڪاوٽ آهن: سهيل سيال

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته برساتن سبب وڏي تباهي آئي جنهن ۾ سڀني کان  وڌيڪ ميرپورخاص ضلعو متاثر ٿيو آهي ميرپورخاص ضلع ۾ 2 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين ۾ برسات جو پاڻي بيهجي ويو هو جنهن کي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي زرعي زمينن مان پاڻي جو نيڪال ڪيو ويو آهي هن وقت صرف 4 هزار 894 ايڪڙ ايراضي ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آهي جنهن کي پڻ جلد نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي برسات جي تباه ڪارين ۽ پاڻي بيهڻ سبب آبادگار سخت متاثر ٿيا کين وڏو نقصان پهتو انهي مشڪل وقت ۾ اسان نه پي چاهيو ته پاڻي جي نيڪال لاءِ اسان اڳ ئي پريشاني جو شڪار بڻيل آبادگارن تي طاقت جو استعمال ڪيون انهي ڪري پاڻي جي نيڪال جو حل ڪڍڻ لاءِ ڪمشنر ميرپورخاص جي اڳواڻي ۾ ڪميٽيون ٺاهيون ويون . ته جيئن مسئلي جو حل ڪڍي سگھجي اهڙن خيالن جو اظهار هن متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ بعد ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو هن چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي زرعي زمينن مان پاڻي جو نيڪال ڪيو ويو آهي هن وقت صرف 4 هزار 894 ايڪڙ ايراضي ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آهي جنهن جي وجھه انهن زمينن مان پاڻي جي نيڪال جو رستو نه هجڻ آهي انهي ڪري بيٺل پاڻي جي نيڪال ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن ان باجود پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪم جاري آهي. هن چيو ته برساتن کي 4 مهينان گذري چڪا آهن پر وفاقي حڪومت پاران آبادگارن جي ڪابه دادرسي نه ڪئي ويئي آهي ۽ نه وري دوري دوران وڏيون وڏيون دعوائون ڪندڙ ايم پي اي ايم اين اي ۽ اهم شخصيتون تباهي جو شڪار آبادگارن وٽ واپس موٽي نه آيا آهن هن چيو ته ضلع سانگھڙ ۾ به هڪ لک 53 هزار 646 ايڪڙ زرعي زمين تي پاڻي بيٺل هو جنهن کي پڻ نيڪال ڪيو ويو انهي مان هاڻ صرف 16 هزار ايڪڙ ايراضي تي برسات جو پاڻي موجود آهي جنهن کي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. جن علائقن ۾ پاڻي جو نيڪال ڪرڻو آهي انهي ڪم ۾ نقصان رسڻ جو خطرو هجڻ جي ڪري ننڍا آباگار رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن اسان انهن خلاف طاقت جي استعمال جي حق ۾ ناهيون انهي ڪري ڪمشنر ميرپورخاص جي سربراهي ۾ عمرڪوٽ، سانگھڙ ۽ ميرپورخاص جي ڊپٽي ڪمشنر جون ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.