ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت سلامتي ڪائونسل جي ملڪن حوالي

اسلام آباد (  م ڊ ) پاڪستان سلامتي ڪائونسل ملڪن کي ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت ڏئي ڇڏيا.پرڏيهي آفيس ۾ سلامتي  ڪائونسل جي مستقل ميمبر ملڪن جي سفيرن کي پاڪستان جي خلاف ڀارتي دهشتگردي جي ثبوتن تي ٻڌل ڊوزيئر ڏنو ويو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت پاڪستان کي عدم استحڪام ۾ مبتلا ڪرڻ جو سازش ڪري رهيو آهي، ڀارت قدمن سان امن کي خطرا آهن. پرڏيهي ترجمان چيو ته ڀارت پوري طرح وائکو ٿي چڪو آهي،  ڀارت هميشه حربن، غير واضح ۽ هٿ ٺوڪين دليلن مان ڪم وٺندو آهي، الزام لڳائڻ سان حقيقت تبديل نه ٿيندي.

سنٿيا ڊي رچي کي ڊي پورٽ ڪرڻ بابت درخواست خارج

اسلام آباد ( م ڊ )  پيپلزپارٽي اڳواڻ چوڌري افتخار آمريڪي بلاگر سنٿيا ڊي رچي کي ڊي پورٽ ڪرڻ جي درخواست واپس وٺي  ڇڏي.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق سنٿيا ڊي رچي بابت ٽن درخواستن کي گڏائي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران چوڌري افتخار پاران سنٿيا ڊي رچي کي ڊي پورٽ ڪرڻ جي درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي عدالت خارج ڪري ڇڏي. سنٿيا ڊي رچي جي وڪيل چيو ته رحمان ملڪ خلاف ڪيس جي درخواست تي ڪارروائي چاهيون ٿا، بينڪ اڪائونٽ بند هئڻ سبب رچي معاشي بحران کي منهن ڏئي پئي، عدالت اڪائونٽ کولڻ جو حڪم ڏئي. جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته بينڪ اڪائونٽس کولڻ واري معاملي کي ايندڙ ٻڌڻي تي ڏسنداسين، سنٿيا ڊي رچي کي ڊي پورٽ ڪرڻ بابت وفاق جي جواب جو انتظار آهي.

پي ايس ايل جو چئمپئن ڪير؟ فيصلو اڄ ٿيندو

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظام هيٺ جاري پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) فائيو پنهنجي آخري مرحلي  ڏينهن وڌي رهي آهي. پاڪستان سپر ليگ جي ٻن فائنلسٽ ٽيمن ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ پي ايس ايل جي فائنل ميچ (اڄ) اڱاري تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق رات 8 وڳي شروع ٿيندي ۽ فلڊ لائٽس ۾ کيڏي ويندي. ڪراچي ڪنگز جي قيادت عماد وسيم ڪندو جڏهن ته لاهور قلندرز جي ٽيم سهيل اختر جي قيادت هيٺ ميدان ۾ لهندي.

پ پ کي گلگت ۾ ڪو به مينڊيٽ نه مليو: ذلفي بخاري

اسلام آباد (م ڊ) سمنڊ پار پاڪستانين بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ذلفي بخاري چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي گلگت بلتستان  ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا مينڊيٽ نه ملي، بلاول ڀٽو صرف هڪ سيٽ لاءِ احتجاج جو ڊرامو ڪري رهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته گلگت بلتستان جي ضمني چونڊن بعد جيڪڏهن هڪ سيٽ کي ان خيرات ۾ ڏئي ڇڏيون ته پيپلز پارٽي وٽ 3 سيٽون رهجي وڃن ٿيون.

ڪورونا:سينيٽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اجلاس ملتوي

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي هدايت تي سينيٽ جي سڀني اسٽينڊنگ ڪميٽين، فنڪشنل ۽ خصوصي ڪميٽين جا اجلاس ملتوي ڪيا ويا،  سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران سومر ڏينهن جاري نوٽيفڪيشن موجب ڪورونا وائرس جي صورتحال جي ڪري سينيٽ جي ڪميٽين جا اجلاس منعقد نه ٿيندا، صورتحال بهتر ٿيڻ تي اجلاس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

ملير جيل جو قيدي ڪورٽ مان فرار

ملير (رپورٽر) ملير جيل جو حاضري تي ويل قيدي ملير ڪورٽ مان فرار ٿي ويو. قيدي ممتاز عرف روزي ڪجهه ڏينهن اڳ گلشن حديد ويجهو لنڪ روڊ تان ڦر دوران اسٽيل  ٽائون پوليس هٿان گرفتار ڪيو ويو هو. پوليس پاران مختلف هنڌن تي ناڪا بندي ڪرڻ باوجود قيدي کي هٿ نه ڪر ي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.