سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2 هزار 128 ڪيس، 19 ڄڻا فوت

اسلام آباد(م ڊ)  نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا  آهن. سومر ڏينهن اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 128 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 19 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 29 هزار 511 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 353، پنجاب ۾ 11 هزار 361، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 112،  بلوچستان ۾ 437 ، گلگت بلتستان ۾ 304، آزاد ڪشمير ۾ 944 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 23 هزار 824 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 859 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 206 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 59 هزار 32 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 5 هزار 455، بلوچستان ۾ 16 هزار 407 ، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 452، اسلام آباد ۾ 24 هزار 218، خيبرپختونخوا ۾ 42 هزار 370، پنجاب ۾ هڪ لک 10 هزار 450 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 55 هزار 680 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 7 هزار 160 آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ 2 هزار 747، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 مريض اسپتالن ۾ فوت ٿيا، پنجاب ۾ 2 هزار 475 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض اسپتالن ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرختونخوا ۾ هڪ هزار 311 فوتگيون ٿيون، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. اسلام آباد ۾ ڪل 257 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، بلوچستان ۾ 156 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض ان وائرس سبب فوت ٿيو، گلگت بلتستان ۾ 93 فوتگيون ٿيون. آزاد ڪشمير ۾ 121 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ  – 19 جا 49 لک 50 هزار 561 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي علاج لاءِ مختص 735 اسپتالن ۾ هڪ هزار 587 مريض علاج هيٺ آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.