مراد علي شاهه، شرجيل ميمڻ ، ڄام اڪرام ڌاريجو،شير محمد بلالاڻي، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي ڪورونا

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ ٻيا چونڊيل نمائندا به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا، بلاول ڀٽو پاران وڏي وزير کي آرام ڪرڻ جو مشورو، وزيراعليٰ  هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته هن کي گذريل جمعي تي هلڪو بخار محسوس ٿيو هو تنهن ڪري سندس پي سي آر ٽيسٽ ڪرائڻ سان ڪورونا وائرس جو ٽيسٽ مثبت معلوم ٿيو آهي. وڏي وزير چيو ته هن پنهنجي گهر ۾ پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي، ڪڏهن ڪڏهن هلڪو بخار محسوس ٿيندو آهي نه ته الله تعاليٰ جي ٻاجهه سان ٻيون ڪي سنگين علامتون نه آهن، جڏهن ته گهرو کاتي جو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري عثمان چاچڙ، سندس پرسنل سيڪريٽري سيد وسيم زيدي، ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي به ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ،جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير مراد علي شاهه کي فون ڪري سندس طبعيت معلوم ڪئي، ڳالهه ٻولهه دوران بلاول ڀٽو زرداري مراد علي شاهه کي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏيندي سندس لاءِ نيڪ تمنائن جواظهار ڪيو. هوڏانهن صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ جو به ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيو آهي. ٻئي طرف گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 4 مريض فوت ٿي ويا جڏهن ته فوتين جو انگ وڌي 2751 ٿي چڪو آهي اهڙي ريت 11596 نمونا ٽيسٽ ڪرڻ سان 848 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کانپوءِ مجموعي انگ 156528 ٿي ويو آهي.  اها ڳالهه وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌائي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وائرس سان وڙهندي 4 وڌيڪ مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته فوتين جو انگ 2751 ٿي ويو جيڪو 1.8 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. 848 نون ڪيسن مان 592 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 264، ضلع ڏکڻ 152، ضلع مرڪز 76، ضلع ڪورنگي 43، ضلع ملير 31 ۽ ضلع اولهه 26 شامل آهن.  جڏهن ته ٻين ۾ حيدرآباد 81، ڄامشورو 29، سکر ۽ ٺٽو 13-13، شهيد بينظير آباد ۽ دادو 11-11، ٽنڊوالهيار 9، شڪارپور ۽ ٽنڊو محمد خان 7-7، قمبر، لاڙڪاڻو ۽ مٽياري 5-5، جيڪب آباد ۽ نوشهرو فيروز 4-4، بدين ۽ گهوٽڪي 3-3، ڪشمور 2، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر 1-1 ڪيس آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.