شبلي فراز ۽ شاهه محمود پاران مراد شاهه جي صحتيابي لاءِ دعا

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي ته الله تعاليٰ ان کي  شفا عطا فرمائي، هوڏانهن پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه جي بيماري جي خبر تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وزير سنڌ جي وڏي وزير جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي ڪورونا هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي سان وڌيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.