ميرپورخاص ۾ ڪورونا جا 22 ڪيس ظاهر

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ڪورونا جي ٻي لهر شروع ٿيڻ بعد ميرپورخاص ۾ ڪورونا تيزي سان ڦهلجڻ لڳو، هڪ ڏينهن ۾ 22 ڪيس ظاهر.  حڪومت پاران ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ وارين هدايتن تي انتطاميا عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام. ماسڪ نه پائيندڙن خلاف ڪاروائي ڪندي ڏنڊ هڻڻ وارين هدايتن کي انتظاميا ۽ عوام ٿڏي ڇڏيو. انتظاميا اگھور ننڊ ۾ ستل. تفصيل موجب پوري ملڪ جيان ميرپورخاص ۾ به ڪورونا جي ٻي لهر ۾ ڪورونا تيزي سان ڦهلجڻ لڳو آهي 15 نومبر تي ورتل 467 ٽيسٽن مان ميرپورخاص جي رهواسين عبدالرزاق، اجي ڪمار، زڪيا، محمد رمضان، ديويا، انيس، محمد زمان، ناز بانو، اسد، نويتا، قمر، ظهره، ذوالفقار، قبير، ڪيلاش، عائشه، فيضان، سويرا، عمير، عبدالعزيز سميت 22 رهواسين ۾ ڪورونا پازيٽو هجڻ جي تصديق ڪئي ويئي آهي، جڏهن ته حڪومت پاران ڪورونا جي ڪيسن تي ظابطو آڻڻ ۽ عوام کي ڪورونا کان بچائڻ لاءِ لاڳو ڪيل ايس او پيز تي 5 سيڪڙو به عمل ٿيندي نظر نه ٿو اچي ميرپورخاص جي شادي هال ۽ مختلف جڳهن تي منعقد ٿيندڙ شادين جو تقريبون رات جو دير تائين جاري رهن ٿيون شهر ۾ دڪاندارن توڙي مارڪيٽ ۾ خريداري لاءِ ايندڙ عوام سماجي وٿي سميت ماسڪ پائڻ وارين هدايتن تي عمل نه ڪري رهيا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.