ٽي ايل پي جي ڌرڻي سبب اسلام آباد مفلوج ، حڪومت جي ڳالهين بعد احتجاج ختم

اسلام آباد ( م ڊ )  ۾ گستاخ خاڪن خلاف اسلام آباد مذهبي جماعت تحريڪ لبيڪ جو ڌرڻو هنيو ويو، وفاقي حڪومت جي ٽيم پاران ڳالهيون ڪري  ڌرڻو ختم ڪرايو ويو. اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي ملائيندڙ فيض آباد  چوڪ تي تحريڪ لبيڪ جو ڌرڻو 2 ڏينهن  جاري رهيو، جنهن ۾ پارٽي سربراهه خادم حسين رضوي به شرڪت ڪئي. تحريڪ لبيڪ آچر تي گستاخ خاڪن خلاف راولپنڊي ۾ لياقت باغ کان فيض باد تائين ناموس رسالت ريلي ڪڍي هئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ هئا، ريلي فيض آباد پهتي، جتي ڌرڻو هنيو ويو. هن وقت پوليس راولپنڊي ۽ اسلام آباد کي ملائيندڙ رستن کي ڪنٽينر لڳائي سيل هئا ، جڏهن ته جاڙن شهرن ۾ موبائيل فون سروس به بند رهي، ان کان علاوه پوليس جي ترجمان موجب ريڊ زون کي مڪمل سيل  ڪري ڊپلوميٽڪ انڪليو طرف ويندڙ رستن کي بند ڪيو ويو هو  ٽي ايل پي جي دعويٰ آهي ته ريلي دوران پوليس جي شيلنگ ۽ رٻڙ جون گوليون لڳڻ سبب 50 ڪارڪن زخمي ٿيا آهن پر پوليس ان جي ترديد ڪئي آهي. ڌرڻي سبب ميٽرو بس سروس ۽ فيض آباد انٽرچينج چئني طرفن کان ٽريفڪ لاءِ بند رهي. وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي حڪومتي ٽيم مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري جي اڳواڻي ۾ خادم حسين رضوي سان ڳالهيون ڪيون، جنهن بعد احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.