آرزو فاطما ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) مقامي عدالت ۾ نئين مسلمان  آرزو فاطما جي اغوا ۽ شادي جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس آرزو فاطما جي مڙس  علي اظهر کي پيش ڪيو، جاچ آفيسر عبوري چالان جمع ڪرڻ جي لاءِ مهلت گهري ورتي آهي، جاچ آفيسر چيو ته ڊي اين اي ڪراس ميچنگ جو نتيجو اچڻ باقي آهي، جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ وقت ضروري آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20 نومبر تائين ملتوي ڪندي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.