پي آءِ اي جا 3500 ملازم فارغ ڪرڻ ۽ دفاعي معاملن لاءِ گرانٽس جي منظوري

اسلام آباد ( م ڊ )  اقتصادي رابطه ڪميٽي ملڪي سڪيورٽي معاملن تي موجود فوجي جوانن، پاڪ ايراني سرحد تي ڪنڊيدار تار سميت اهم دفاعي معاملن لاءِ گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي.  ناڻي بابت وزيراعظم جي  خاص صلاحڪار  عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 10 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا. اي سي سي اجلاس جي پڌرنامي موجب اندروني سڪيورٽي تي موجود پاڪ فوج جي جوانن لاءِ اضافي گرانٽس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. پڌرنامي موجب اجلاس ۾ پاڪ ايران سرحد تي باڙ لڳائڻ لاءِ گرانٽ جاي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.ان کان علاوه پاڪ فوج جي اسپيشل سڪيورٽي ڊويزن نارٿ لاءِ گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. پڌرنامي موجب سيسنيا جهاز جي مرمت لاءِ دفاع واري وزير کي گرانٽ جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جي ڪامياب جوان پروگرام لاءِ 5 ڪروڙ 30 لک رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي مقامي سطح تي سم ڪارڊ ۽ سمارٽ ڪارڊ جي تياري لاءِ وفاقي وزير حماد اظهر جي سربراهي ۾ ڪميٽي جي قيام جو فيصلو ڪيو ويو. اي سي سي پاران نارنگي ۽ انب برآمد ڪرڻ لاءِ به ڪميٽي جوڙي وئي. ان کان علاوه پي آءِ اي جي تقريبن 3500 ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. رضاڪاراڻي اسڪيم ذريعي پي آءِ اي ملازم رٽائر ڪيا ويندا، ساليانو 4 ارب رپين جي بچت ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.