ميرپورخاص ۾ ڪروڙن جي ملڪيت غيرواسطيدار نالي ٿيڻ جو انڪشاف

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي سب رجسٽرار جي آفيس ۾ ڪروڙين روپين جي ملڪيت جا اٽارني آرڊر جعلي سازي ذريعي  غيرواسطيدار همراه جي نالي ٿيڻ جو انڪشاف، متاثرن عدالت کان رجوع ڪري ورتو. اهو ٻن پارٽين جي وچ ۾ مسئلو آهي معاملو عدالت ۾ هلندڙ آهي اسان عدالت ۾ جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي سب رجسٽرار عابد مري. تفصيل موجب سب رجسٽرار آفيس ميرپورخاص ۾ ڪروڙين روپين جي ملڪيتن ۽ ملڪيتن جا پاور آف اٽارني جعل سازي جي غيرواسطيدار ماڻهن کي ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان متاثر زاهد شاهه ٻڌايو ته مون ٽنڊو آدم روڊ تي 2 سئو ايڪڙ زرعي زمين خريد ڪئي جنهن جو پاور آف اٽارني پنهنجي نالي تي وٺي رجسٽرار آفيس ۾ جمع ڪرايو جيڪو بعد ۾ جعلسازي ذريعي ڪنهن يوسف نالي جي شخص تي ڪيو ويو جنهن خلاف مون عدالت کان رجوع ڪيل آهي ۽ سب رجسٽرار عدالت ۾ تسليم ڪري چڪو آهي ته اهو پاور آف اٽارني منهنجي نالي جو هو جيڪو جعلسازي ذريعي تبديل ٿيو آهي هن چيو ته ڪروڙين روپين جي زمين جو پاور آف اٽارني جيڪو سب رجسٽرار آفيس ۾ پيل هو انهي کي ڪنهن تبديل ڪيو جيڪڏهن اهڙو سلسلو جاري رهيو ته ان کان به وڏا فراڊ ٿي سگھن ٿا مون کي عدالت مان انصاف ملڻ جو مڪمل يقين آهي. ذريعن موجب سب رجسٽرارآفيس ۾ آفيس جي عملي ۽ من پسند اسٽامپ وينڊرن جي ملي ڀڳت سان وڏين رشوتن عيوض ملڪيتن ۽ ملڪيتن جي پاور آف اٽارني آرڊرن جا نالا جعلسازي ڪري تبديل ڪرڻ ۽ رجسٽرين جي داخلا ۽ سيل سرٽيفڪيٽ لاءِ به عام ماڻهن کان وڏي رشوت ورتي وڃي ٿي ۽ رشوت نه ڏيندڙن کي مهينن جا مهينا رلايو وڃي ٿو، سب رجسٽرار آفيس ۾ تازي ٿيل جعلسازي ۾ ڪروڙين روپين جي ملڪيت جا سيد زاهد شاه جي نالي جي پاور آف اٽارني جعلسازي ذريعي ڪنهن ٻي شخص جي نالي تي منتقل ڪرڻ خلاف متاثر ڌر جعلسازي خلاف مقامي عدالت کان رجوع ڪيو آهي ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي سب رجسٽرار ميرپورخاص عابد مري چيو ته اهو معاملو ٻن پارٽين جي وچ ۾ آهي انهي حوالي سان اسان پنهنجو بيان عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي انهي ڪري ان تي وڌيڪ ڳالهائڻ مناسب ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.