مزار قائد بيحرمتي ڪيس: پوليس رپورٽ تي فيصلو محفوظ

ڪراچي (رپورٽر) مقامي عدالت ۾  مزار قائد بيحرمتي ڪيس ۾ ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد پوليس جي رپورٽ تي فيصلو محفوظ ڪري  ورتوآهي ، ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته قتل جون ڌمڪيون ۽ سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جا قلم خارج ڪري ڇڏيا آهن، فريادي وقاص احمد موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت جي دٻاءُ سبب جاچ آفيسر معاملي جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو، پوليس جي چالان مان لڳي ٿو ته مزار قائد تي ڪجهه ٿيو ئي ناهي، پوليس ڪيس بي ڪلاس ڪرڻ بابت رپورٽ جمع ڪرائي هئي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.