مزدو اڳواڻن پاران مهانگائي ۽ نجڪاري خلاف تحريڪ جو اعلان

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ جي مزدورن اڳواڻن ملڪ ۾  وڌندڙ مهانگائي، نجڪاري ۽ بيروزگاري خلاف هڪ پليٽ فارم تي گڏجي سگهاري تحريڪ جو اعلان ڪيو آھي. ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ريڊ ورڪرز فرنٽ ۽ پروگريسو يوٿ الائنس طرفان روس انقلاب جي 103 هين سالگرهه جي موقعي تي ڪوٺايل مزدور ڪانفرنس ڪوٺائي وئي.  مزدور ڪانفرنس ۾ مختلف مزدورن تنظيمن ۽ يونين جي اڳواڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ ريڊ فرنٽ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ مارڪسي دانشور پارس جان چيو ته سڀني تنظيمن جو مضبوط اجلاس ٿيو آهي. هن چيو ته گذريل 20 سالن کان هڪ خاموشي جنم ورتو آهي. هن جو سماج ۾ موجود بيماري کي سمجهڻو پوندو. اڄ غربت انڪري آهي ته مزدور يونين نظريات ماري ڇڏيا آهن، اڄ وري سماج ۾ نظرين جي ضرورت آهي. ريلوي محنتڪش يونين جي اڳواڻ رياض خاصخيلي چيو ته مزدورن جي مسئلن جو حل گڏجي جدوجهد ڪرڻ ۾ آهي. سرمائيدار خلاف گڏجي سگهاري جدوجهد هلائڻي پوندي. مزدور جي يونين جا اڳواڻ هڪٻئي جا حق سمجهي اتحاد قائم ڪن. آپڪا جي اڳواڻ ميرل ڀرڳڙي چيو ته اسان جتي به هجن اتحاد جوڙيون، مزدورن جا مسئلا ۽ مطالبا اڄ به ساڳيا آهن. مهانگائي به سڀني کي متاثر ڪري رهي آهي. هن جو پورهيتن کي الائونس جاري ڪيو وڃي. ڪامريڊ علي چيو ته اڄ اسان جي طبقي جي بقا جو سوال آهي. مزدور ئي انقلاب آڻيندو. مزدور کي طاقت جو اظهار ڪرڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.