سنڌ سڀا اڳواڻن جي ٺٽي ۾ قومي سورمن جي مزارن تي حاضري

ٺٽو ( ڊ ر ) سنڌ سڀا جو سرواڻ انعام عباسي، نور باڳڙي، جيئي سنڌ تحريڪ جو اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي، مختيار سومرو، صحافي رزاق  عاصي، کنڀي گم ڪيل عاقب چانڊيو جي ڀيڻ شازيا چانڊيو، امڙ مختيار بيگم، کنڀيل نسيم بلوچ جي مڱيندي حاني بلوچ، کنڀيل ايوب ڪانڌڙي جو پٽ وقار ڪانڌڙو، گم ڪيل ڊاڪٽر فتح محمد کوسي جو پٽ نصيب کوسو، کنڀيل فيصل آرائين جي امڙ بشيران، والد محمد اسلام آرائين ۽ ٻين قافلي جي شڪل ۾ مڪلي ۽ ٺٽو ۾ مدفون قومي سورمن شهيد دولها دريا خان، ڄام نظام الدين، جسقم اڳواڻ شهيد مشتاق خاصخيلي ۽ جست سربراھ شهيد شفيع محمد ڪرناڻي جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي سلامي ڏني. انعام عباسي خطاب ڪيو ته اسين اهڙو ئي عظيم مقصد کڻي نڪتا آهيون، جنهن عظيم مقصد لاءِ اسان جي عظيم شهيدن پنهنجي جو نذرانو ڏنو، کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي نڪتل هي قافلو پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.