قاضي احمد: پي ٽي آءِ پاران تحفظ رسالت ۽ پاڪ فوج زنده باد ريلي

پاڪستان تحريڪ انصاف تعلقي قاضي احمد طرفان "تحفظ رسالت ۽ پاڪ فوج زنده باد ريلي´´ ڪڍي وئي۔ جنهن جي صدارت ايسٽ سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري گل محمد جوڻو تعلقي صدر عبداللطيف رند ۽ ويلفيئر ونگ جي مرڪزي اڳواڻ مير هزار خان جتوئي ڪئي۔۔ريلي ۾ وڏي انگ ۾ پارٽي اڳواڻن ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي۔۔ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن فرانس ۾ ٿيل حضور اڪرم صه جن گستاخي خلاف  ۽ پاڪ فوج تي زبان درازي ڪندڙ ملڪ دشمن عناصرن خلاف احتجاج ڪندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ، ان موقعي تي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته فرانس جي حڪومت سان سياسي سماجي رابطا ختم ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو وڃي

رپوٽ- مومن جوڻو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.