کنڀي گُم ڪيلن جي بازيابي لاءِ نڪتل سنڌ سڀا جو قافلو ٺٽو پريس ڪلب پهتو

سنڌ ۽ بلوچستان جي کنڀي گُم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي کان نڪتل پيادل لانگ مارچ قافلو سنڌ جي تاريخي شھر ٺٽي پھچي ويو، سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام عباسي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي کان راولپنڊي لاءِ نڪتل پيادل مارچ تاريخي ماڳ مڪلي تي رات ترسڻ بعد اڳين منزل ڏانھن سفر شروع ڪيو، جيڪو ٺٽي پريس ڪلب اڳيان پھتو، جتي مختلف سياسي، سماجي ڪارڪنن پاران قافلي ۾ پهچي ساڻن  يڪجھتي جو اظھار ڪيو ، ان موقعي تي سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام عباسي، ڊاڪٽر نظير کوکر، نعيم سنڌو، کنڀي گُم ڪيل نوجوان عاقب چانڊيو جي امڙ مختيار بيگم، ڀيڻ شازيہ چانڊيو، ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن کي اڃا تائين ظاهر نٿو ڪيو وڃي، سندن زندگين لاء فڪرمند آهيون. هنن چيو ته سڀاڻي کان پيادل مارچ جو قافلو پنھنجي اڳئين منزل ڏانهن روان دوان ٿيندو..

رپورٽ-منصور جلالاڻي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.