جروار ويجھو خالي پلاٽ جي مالڪي تان 2 ڌرين ۾ جھيڙو، 12 ڄڻا زخمي

جروار ويجھو ڳوٺ شيرمحمد ڪولاچي ۾ خالي پلاٽ جي مالڪي تان ڪولاچي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن ۾ لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب 12 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ، زخمي ٿيل ماڻھن کي سول اسپتال ميرپور ماٿيلو علاج لاء نيو ويو جڏھن ته زخمين ۾ تاج محمد ، حسين بخش ،صدام ڪولاچي، حبيب الله ، امام بخش ڪولاڇي ۽ ٻيا شامل آھن،  جروار ٿاڻي تي ٻنھي ڌرين پاران اين سي داخل ڪرائي وئي جڏھن ته آخري اطلاعن تائين ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو.

رپورٽ- فيض محمد گبول

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.