بوزداروڏا ۾ فقير غلام قادر پنهيار جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ

بوزداروڏا ۾ فقير غلام قادر پنهيار جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي گذري جنهن ۾ خيرپور ضلعي سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان 60 ٽيمن حصو ورتو ، فقير اليون بوزداروڏا ۽ جيلاني ٽائيگرز راڻيپور فائينل لاء ڪواليفاء ڪيو جنهن جي فائينل مئچ جي مهمان اڳوڻي چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڪوٽڏجي مير ڏنل خان ٽالپر ٽاس ڪئي جنهن ۾ جيلاني ٽائيگرز ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو جيلاني ٽائيگرز جي ٽيم مقرر اٺ اوورن ۾ 96 رنسون ٺاهي ورتيون جنهن بعد فقير اليون ٽن وڪيٽن جي نقصان تي ڇهن اوورن ۾ اسڪور پورو ڪري مئچ پنهنجي نالي ڪئي جنهن بعد مئچ جي مهمان خاص فقير غلام نبي پنهيار , اڳوڻي تعلقي چيئرمين مير ڏنل خان ٽالپر ۽ ٻين عوامي آواز ٽي وي  سان ڳالهائيندي چيو ته فقير غلام قادر پنهيار جي ياد ۾ ههڙيون صحت مند سرگرميون ڪرائڻ سٺو عمل آهي

ان موقعي تي رانديگرن ۾ انعام ۽ شيلڊون ورهايون ويون

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.