ڀرياسٽي پوليس جي ڪارروائي، جوابدار گرفتار، 8 چوري ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ

ڀرياسٽي پوليس ڪارروائي ڪري 8 چوري ٿيل موٽر سائيڪلون ۽  پسٽل سميت جوابدار کي گرفتار  ڪري ورتو ۽ ڀرياسٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ،  ڀرياسٽي  جي ڊي ايس پي عبدالستار اڄڻ ، ايس ايڇ او راڻا جمشيد راجپوت پريس ڪانفرنس دوران انڪشاف ڪيو  ته گشت دوران جوابدار گلاب پٽ علي اڪبر ڪلهوڙو ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏٺو ويو جنهن کي هڪ موٽر سائيڪل ۽ پسٽل سميت گرفتار ڪيو  ويو ، هنن ٻڌايو ته جوابدار ٻين ڏوهن جو اعتراف پڻ ڪيو آهي جڏهن ته  مختلف هنڌن تان 8 چوري ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن  جيڪي متاثر مالڪن  فياض علي ميمڻ ، محمد رفيق آصف راجپوت، اڪبر راجپوت ، عمران ڪلهوڙو ، خالق راجپوت ، حاجي حبدار راجپوت ، نظير احمد اعواڻ جي حوالي ڪيون ويون ،

رپورٽ- مجيد ڪيريو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.