گمبٽ: ڪوڏي ڪوڏي جي ڀلوڙ رانديگر شهيد علڻ اڄڻ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب

ڊرٻ مهرشاه ۾  ڪوڏي ڪوڏي جي ڀلوڙ رانديگر شھيد علڻ اڄڻ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء سنڌ اڄڻ ايسوسيئيشن مرڪز ۽ ضلعي خيرپور طرفان تقريب ڪوٺائي وئي   جنھن ۾ تنظيم جي سرپرست اعلي ڊاڪٽر بدر الدين اڄڻ،  سرپرست ۔ڊاڪٽر گل منير اڄڻ ،صدر ۔جمال الدين اڄڻ ،جنر ل سيڪريٽري۔ رياض حسين اڄڻ ۽ ٻين عهديدارن ، سياسي ۽سماجي شخصيتن  شرڪت ڪئي، راند شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ شھيد علڻ اڄڻ جي فرزند حبيب الله اڄڻ کي خصوصي شيلڊ پڻ ڏني وئي جنهن کانپوءِ رانديگرن زبردست راند جو مظاھرو ڪندي  داد حاصل ڪيو ۔جڏھن ته تنظيم طرفان کٽندڙ ٽيم کي 15000 رپيا روڪ ۽ھارائيندڙ ٽيم کي 3000 رپيا روڪ ڏنا ويا ۔ان موقعي تيسنڌ اڄڻ ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري سڪندر علي اڄڻ چيو ته نئين نسل کي ھوٽل کان بچائڻ لاء ھي پروگرام ڪيا پيا وڃن ته جيئن نئون نسل صحت مند سرگرمين ڏانهن موٽي اچي

رپورٽ-محمد علي اڄڻ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.