ٽي ايل پي جو احتجاج جاري، جاڙن شهرن ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي وڏي نفري مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد انتظاميا  پاران فرانس ۾ گستاخانه خاڪا شايع ڪرڻ خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي احتجاجي مظاهرن کي نظر ۾ رکندي فيض آباد ۾ پوليس، رينجرز ۽ فرنٽيئر ڪور جا 3 هزار 113 سيڪيورٽي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

مظاهرو ڪندڙ حڪومت کان مطالبو ڪري رهيا آهن ته هو فرانس مان پاڪستان جي سفير کي واپس گھرائين ۽ اسلام آباد ۾ مقرر فرانسيسي سفير کي ملڪ بدر ڪن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آفيسرن ٽي ايل پي جي اڳواڻن ۽ ريلي جي انتظاميا کي ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي قائل ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي هئي ته اسلام آباد سوڌو سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ 19 پکڙجي رهيو آهي.

اڃ ٽين ڏينهن به اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ موبائل سگنل معطل رهيا ۽ فيض آباد انٽر چينج ويندڙ روڊن سان گڏ اسلام آباد اينٽري پوائنٽس کي ڪنٽينر رکي بلاڪ ڪيو ويو آهي.

گھرو وزارت طرفان جاري ڪيل گائيڊ لائينز ۾ راولپنڊي ۽ اسلام آباد انتظاميا کي ٽي ايل پي سان ڳالهين جي ناڪامي تي مڪمل آپريشن جو اختيار ڏنوويو آهي.

گائيڊ لائينز موجب احتجاج ڪندڙن کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.

وزيراعظم عمران خان به فيصلو جي توثيق ڪئي آهي.

ان کان سواءِ جاڙن شهرن ۾ ميٽرو بس سروس بند ڪئي وئي آهي.

لاهور کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ کي ٽي ڪراس روات کان راولپنڊي طرف موڙيو پيو وڃي جڏهن ته پشار کان ايندڙ ٽريفڪ کي 26 نمبر چورنگي کان موٽروي طرف موڙيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.