سون عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگو ٿيڻ باوجود پاڪستان ۾ سستو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون ٻه ڊالر مهانگو ٿيڻ باوجود پاڪستان ۾ وڌيڪ 100 رپيا سستون ٿي ويو آهي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس 24 قيراط سون جي قيمت ٻه ڊالر وڌي 1892 ڊالرن جي سطح تي پهچڻ باوجود مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ في تولو 7 في ڏهه گرام سون جي قيمت ۾ 100 رپيا ۽ 87 رپين جي گھٽتائي ٿي آهي.

قيمتن ۾ گھٽتائي جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي صرافه مارڪيٽن ۾ في تولو سون جي قيمت گھٽجي 112550 رپيا ۽ في 10 گرام سون جي قيمت گھٽجي 96493 رپيا ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.