سکر: بئراج ڪالوني ۾ آبپاشي زمين تان قبضو هٽائڻ لاءِ آپريشن جاري

سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر جي حڪم تي بئراج ڪالوني ۾ آبپاشي زمين تان قبضو هٽائڻ لاءِ آپريشن جاري آهي ، انتظاميا بئراج ڪالوني ۾ حددخلين خلاف آپريشن تيز ڪري ڇڏيو ، غير قانوني ڄاڻايل اڏاتون ڳري مشينري ذريعي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون،  انتظاميا جو چوڻ آھي  علائقي واسين کي پاڻمرادو حددخليون هٽائڻ لاءِ 3 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي ھئي، قبضا هٽرائڻ لاءِ  انڪروچمنٽ عملي سان گڏ وڏي انگ ۾ نفري پهچي وئي ، رهواسين جو چوڻ هو ته هِن مهانگائي جَي دور ۾ بي گهر ٿيڻ بعد ٻچن سان گڏ هو ڪيڏانهن ويندا ، کين  متبادل جايون ڏنيون وڃن ،

رپورٽ-اختيار چنا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.