مهراڻ يونيورسٽي خيرپور ڪيمپس جي ڪچن ملازمن پاران بک هڙتال جاري

مهراڻ يونيورسٽي خيرپور ڪيمپس جي ڪچن ملازمن پاران چوٿين ڏينهن به سيشن ڪورٽ روڊ تي بک هڙتال جاري رکي وئي، بک هڙتال تي فنڪشنل ليگ اڳواڻ حاجي امام بخش ۽ ٻين پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪيو ، ان موقعي تي سندن چوڻ هو ته ڪچن ملازمن کي سندن حق ڏيندي فوري طور تي پڪو ڪيو وڃي، ملازمن چيو ته انهن کي ڪيترائي سال گذرڻ باوجود پڪو نه ٿو ڪيو وڃي، کين جلد پڪو ڪري انهن جي ٻچن کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي.

رپورٽ- گل مير ڦلپوٽو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.