ڪنڌڪوٽ: 4 مهينا اڳ قتل ٿيل آپڪا اڳواڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڪنڌڪوٽ ۾ چارمهينا اڳ قتل ٿيل سنڌآپڪا جي صدر مرادعلي چاچڙجي قاتلن جي گرفتاري لاء وارثن پاران  احتجاج ڪيو ويو ، ان موقعي تي مقتول مراد علي جي ڀاءُ رسول بخش عرف (ڪوراڙو) چاچڙ، غلام قادرچاچڙ، پنهل چاچڙ، عرض محمد، علي نوازچاچڙ ۽ معصوم ٻارڙن  عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته انهن جي چاچڙ برادري جي چڱي مڙس ۽ آپڪا سنڌجي صدرکي بي گناه سکر ۾ قتل ڪيو ويو پراڄ تائين ان جو ڪوبي قاتل گرفتارني ٿي سگهيو آھي ۽ اڃان قاتل انهن کي بااثر ماڻھن جي معرفت ڌمڪيون ڏياري رهيا آھن ،هنن چيو  چيف جسٽس پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ هاءِڪورٽ، سکرهاء ڪورٽ ۽ وزيراعليٰ سنڌ ۽ مڙني وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مراد علي جي قاتلن کي گرفتار ڪري انهن سان انصاف ڪيو وڃي.

رپورٽ- ممتازسنڌي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.