مٺي: نينگر سان بدفعلي جي ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد جوابدار عدالت مان فرار

مٺي جي عدالت اسلام ڪوٽ واسي شاگرد ڪلديپ ميگهواڙ سان بدفعلي ۽ ڌمڪين جي جوابدار بااثر وڏيري سيد ڀورل شاھ جي ڪچي ضمانت رد ڪري ڇڏي،جوابدار عدالت جي ڀِت ٽپي فرار ٿي ويو، بااثر وڏيري سيد ڀورل شاھ مٿان ڪجھ ڏينهن اڳ شاگرد ڪلديپ ميگهواڙ سان ڪيترن ئي ڏينهن کان بدفعلي ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪين جو ڪيس اسلام ڪوٽ ٿاڻي تي داخل ٿيو هو، شاگرد جي والد روپچند ميگهواڙ جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدار عدالت مان ڪچي ضمانت حاصل ڪئي هئي، ايڊيشنل سيشن جج نصير نورخان جي عدالت جوابدار جي ڪچي ضمانت رد ڪري ڇڏي،جوابدار امڪاني گرفتاري کان بچڻ لاءِ عدالت مان فرار ٿي ويو، ذريعن کان مليل رپورٽن موجب مقامي پوليس جوابدار کي فرار ڪرائڻ ۾ ملوث آهي،

رپورٽ- غازي بجير

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.