ڪشمور واقعو: اي ايس آءِ محمد بخش لاءِ 20 لک انعام جو اعلان، تمغن جي سفارش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ پوليس ڪشمور ۾ ماءُ ڌيءَ سان زيادتي ڪيس جي جوابدار کي پڪڙيندڙ اي ايس آءِ محمد بخش کي ستاره شجاعت ۽ سندس نياڻي کي ستاره امتياز ڏيڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.

سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ڪشمور پوليس جي بهادر اي ايس آءِ محمد بخش ۽ سندس نياڻي جي اعزاز ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب شرڪت ڪئي ۽ اي ايس آ3 محمد بخش ۽ ان جي گھرڀاتين جو شاندان استقبال ڪيو ويو.

آءِ جي سنڌ مشتاق مهر تقريب کي خطاب ڪندي پوليس طرفان 20 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو ۽ تمغن جي سفارش ڪندي چيو ته اي ايس اآءِ ۽ سندس بهادر نياڻي پنهنجي حياتيءَ جي پرواهه نه ڪندي وڏو ڪارنامو انجام ڏنو، نياڻي جي حوصلي کي سلام پيش ڪيان ٿو. مرتضيٰ وهاب چيو ته پوليس آفيسر محمد بخش ۽ سندس نياڻ جي بهادري ۽ جرعت جي تعريف لاءِ هن وٽ لفظ نه آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.