سعودي عرب سياحتي ويزا تي پابندي لڳائي ڇڏي

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت سياحتي ويزا تي پرڏيهين جي ملڪ ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.

ڪورونا وائرس پکيڙ جي روڪ ٿام لاءِ سعودي حڪومت سياحتي ويزا تي پرڏيهين جي ملڪ ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ ان سلسلي ۾ سعودي ايوي ايشن طرفان باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو اهي.

نوٽيفڪيشن موجب سعودي عرب طرفان سياحتي ويزا تي پابندي سبب هاڻ ڪو به سعودي عرب نه وڃي سگھندو جڏهن ته سعودي ايوي ايشن ”گاڪا“ پي آءِ اي سوڌو سڀني اڏامن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

گاڪا موجب سياحتي ويزا رکندڙ پرڏيهي سعودي عرب داخل نه ٿي سگھندا، سياحتي ويزا رکندڙ مسافرن تي پابندي ڪورونا وائرس جي شدت ۾ گھٽتائي تائين جاري رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.