گلگت بلتستان ۾ 2018ع جي تاريخ ورجائي وئي: مولا فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ هڪ ڀيرو وري 2018ع جي تاريخ ورجائي وئي.

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته گلگت بلتستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 2018ع جي تاريخ کي ورجايو ويو، گلگت بلتستان ۾ چونڊون نه من پسند ماڻهن ۾ ورهاڱو ٿيو آهي.

هن چيو ته سليڪٽڊ حڪمرانن کي گلگت بلتستان جي رزلٽ هضم ڪرڻ نه ڏينداسين، پاڪستان کان پوءِ هاڻ پي ٽي آءِ کي گلگت بلتستان جو ٻيڙو غرق ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ ان حوالي سان پي ڊي ايم ايندڙ اجلاس ۾ متفقه حڪمت عملي طئي ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.