ڌيءَ جي سالگرهه تي معمولي جهيڙو، مڙس هٿان زال قتل

گجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گجرانوالا ۾ مڙس معمولي جهيڙي تان زال کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب گجرانوالا جي علائقي ڊي ٽاپ ڪالوني ۾ ڌيءَ جي سالگرهه ملهائيندي زال مڙس معمولي ڳالهه تان ڏند چڪ ڏنا جنهن تي مڙس ڪاوڙ ۾ اچي زال کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مڙس زال تي فائرنگ ڪئي جنهن سبب عورت ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي.

پوليس موجب واقعي جو اطلاع ملڻ تي جوابدار کي گرفتار ڪري ان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.