شيائومي گھٽ قيمت ۾ جديد فيچرز وارا نوان فونز پيش ڪري ڇڏيا

ڪورونا وائرس دوران سيلز ۾ ايپل کي پٺتي ڌڪيندڙ چيني ڪمپني شيائومي گھٽ قيمت ۾ زبردست فيچرن وارا فونز پيش ڪري ڇڏيا.

هلندڙ سال ٽيون ڀيرو شيائومي جي وڪري ۾ واڌ ۾ آئي آهي جنهن کان پوءِ چيني ڪمپني سڀ کان وڌيڪ سمارٽ فونز سيل ڪندڙ فهرست ۾ ٽين نمبر تي اچي وئي هئي.

۽ هاڻ شيائومي پنهنجا ٻه فون ايم آءِ 10 ٽي ۽ ايم آءِ 10 ٽي پرو پيش ڪيا آهن ۽ ٻنهي ماڊلن ۾ ٽرپل ڪيمرا سيٽ اپ موجود آهي.

ايم آءِ 10 ٽي جي مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جڏهن ته ايم آءِ 10 ٽي پرو جي مين ڪيمرا 108 ميگا پڪسل آهي.

ٻي پاسي ايم آءِ 10 ٽي جو پرو ماڊل 8 ڪي وڊيو کي سپورٽ ڪري ٿو جڏهن ته ٻنهي ماڊلز ۾ 5 جي ٽيڪنالوجي به آهي.

جيڪڏهن شيائومي جي نئين فون جي قيمت جي ڳالهه ڪجي ته ايم آءِ 10 ٽي جي قيمت 489 ڊالر آهي جڏهن ته ايم آءِ 10 ٽي پرو جي قيمت 517 ڊالر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.