اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ناهي ٿيو، سياري جون موڪلون وڌائڻ جي تجويز آهي: شفقت محمود

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي سربراهي ۾ صوبائي تعليمي وزيرن جو خصوص اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪورونا جي ٻين لهر دوران تعليمي ادارن ۾ ڪيسن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ سڀني صوبن جي تعليم وزيرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي ۽ ان دوران تعليمي ادارن ۽ ملڪ ۾ ڪورونا جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته سياري جي موسم شيڊيول تي به غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ چيو ويو ته تعليمي ادارن ۾ ڪورونا جا ڪيس خطرناڪ حد تائين وڌي ويا آهن.

ذريعن موجب اجلاس ۾ سياري جون موڪلون نومبر کان جنوري تائين ڪرڻ جي تجويز تي به غور ڪيو ويو آهي پر ان حوالي سان آخري فيصلو قوم رابطا ڪميٽي ڪندي.

شفقت محمود چيو ته ٻارن ۽ استادن جي حياتي سڀ کان وڏيڪ عزيز آهي پر اڃا تائين اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ناهي ٿيو.

هن چيو ته تعليمي ادارن بابت جيڪو فيصلو ٿيندو ان تي سڀ کي عمل ڪرڻو پوندو.

ان کان پوءِ اجلاس کي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيو ويو ۽ اسڪولن جي بندش بابت فيصلو هڪ هفتي بعد ڪيو ويندو.

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس هاڪاري اچڻ جي شرح 7 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.