نوابشاهه: ڳوٺ سائينداد کوکر جي رھواسين پاران وڏيري جي زيادتين خلاف مظاهرو

نوابشاهه ۾سرھاڙي جي ڳوٺ سائينداد کوکر جي رھواسين پاران وڏيري جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن خدا بخش کوکر، علي جان کوکر، مسمات مومل، زھران، وزيران ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ، سندن چوڻ هو ته  سندن ڳوٺ 40 سال پراڻو آھي جنھن ۾ 40 کان مٿي گھر آھن پر علائقي جو بااثر وڏيرو گل حسن عرف گلو کوکر پنھنجي ساٿي حنيف کوکر ۽ ٻين ساٿين سان گڏ انهن کي ڳوٺ خالي ڪرائڻ  لاءِ ڌمڪي ڏئي ٿو ،ھنن چيو ته جوابدار ڏوھاري قسم جا ماڻھو آھن،  هو انهن  جي ڳوٺ تي قبضو ڪري ڏوھارين جي پاٿاري کولڻ چاھين ٿا،  ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انهن سان انصاف ڪيو وڃي.

رپورٽ-رحيم لاشاري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.