عادلپور ۽ جان محمدسوسائٽي ۾ رولو ڪتن جو آزار ،8 ماڻهن کي ڏاڙهي وڌو

عادلپور ۽ جان محمدسوسائٽي ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو،  شھري توڙي ٻھراڙي جي علائقن صالح مھر لاکو لنجاري ۽  ستارو مھر ۾ رولو ڪتن جا ولر گھمڻ  لڳا،  اسڪولي ٻارن سميت والدين  به خوف ۾ وٺجي ويا ،ڪجھ ڏينھن اندر عادلپور ۽ ڀرپاسي ۾ عورتن سميت 8 ڄڻن کي رولو ڪتن چڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آھي ، زخمين ۾  مائي شبانه ڀٽو، مائي زرينه، مڪيش ڪمار،غلام قادر، شوڪت مهر،  ﷲ بخش ڌانڌو ،عبدالله قاضي۽ عبدالوهاب ڪلهوڙو شامل آهن جنهن جي  رپورٽ عادلپور ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي ۽ زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏيئي سول اسپتال گهوٽڪي انجيڪشن لاءِ موڪليو ويو ھو  جڏھن ته ان حوالي سان عادلپور پوليس جو چوڻ هو ته ڪتي جي چڪڻ سبب زخمي ٿيل اٺن ڄڻن عادلپور ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آھي پر انتظاميا پوءِ به خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڪتا مار مھم شروع ڪري علائقي واسين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

رپورٽ- اسلم مھر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.